نوشھروفيروز: مڪاني کاتي جي 128 ملازمن کي عهدن تان هٽايو ويو

ڪراچي؛ مڪاني کاتي جي ڇهن ئي ڊويزنن مان 128 ملازمن کي عهدن تان هٽايو ويو، جنهن جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. هٽايلن ۾ ھڪ کان سترنهين اسڪيل جا ملازم شامل آهن، هٽايل ملازم پوسٽنگ آرڊر سميت ٻيا اصل ڪاغذ پيش نه ڪري سگهيا. مڪاني کاتي جي ڊائريڪٽر پاران جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن موجب هٽايل ملازمن کي پنهنجي اصل ڪائونسل ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔