ڌيءَ جي لاڏاڻي کانپوءِ عمر شريف جو دنيا سان گڏ صرف ھڪ سال جو ساٿ رھيو

مزاح جي بي تاج بادشاھھ ۽ اسٽيج ۽ ٽي وي جي مقبول ترين مزاحيا اداڪار عمر شريف اڄ دنيا کي الوداع ڪري ويو عمر شريف جي ڌي حرا شريف پنھنجي پيءُ کان گذريل سال وڇڙي وئي ھئي عمر شريف کي ھن جي لاڏاڻي جو نھ ٻڌايو ويو ھو، ھن کي صرف اھو ٻڌايو ويو تھ ان جي ڌيءَ جي دنيا خراب آھي ڌيءُ جي طبيعت خراب ٿيڻ جو ٻڌي عمر شريف امريڪا ۾ پنھنجو پروگرام بھ ملتوي ڪري ڇڏيو ھو عمر شريف جي لاڏالي ڌيءَ حرا شريف بھ گردن جي انفيڪشن جي مرض ۾ متبلا ھئي ۽ اھا لاھور جي ھڪ اسپتال ۾ علاج ھيٺ ھئي، حرا عمر شريف گردن جي ٽرانسپلانٽ آپريشن ۾ پيچيدگي جي ڪري سبب لاڏاڻو ڪري وئي ھئي اداڪار عمر شريف ڌيءَ اچانڪ لاڏاڻي سبب غمزدھ رھندو ھو جنھن کانپوءِ ان جي طبيعت بھ خراب رھندي ھئي ياد رھي تھ عمر شريف کي پاڪستان کان علاج سبب 28 سيپٽمبر تي ايئر ايمبولينس جي ذريعي امريڪا روانو ڪيو ويو ھو پر گھڻي سفر ۽ ٿڪجي وڃڻ سبب ھن کي جرمني جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو ھو جتي ھن کي نمونيا ٿيڻ ۽ ايئر ايمبوليس ۾ فني خرابي سببب اداڪار کي جرمني ۾ گھڻو وقت ٿي ويو ۽ اڄ 2 آڪٽوبر تي عمر شريف جي سالي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔