عمر شريف جي لاڏاڻي تي پاڪستاني شوبز شخصيتن پاران ڏک ۽ افسوس جو اظھار

پاڪستان جي مشھور ۽ مزاحيا اداڪار عمر شريف جي لاڏاڻي تي پاڪستاني شوبز شخصيتن ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو
سينيئر اداڪار جاويد شيخ جو چوڻ ھو تھ ھن جي ويجھڙ ۾ عمر شريف سان اسپتال ۾ ملاقات ٿي، ملاقات وقت عمر شريف ڏاڍو خوش لڳي رھيو ھو جاويد شيخ جو چوڻ ھو تھ منھنجو ۽ عمر شريف جو ساٿ 40 سالن جو رھيو، عمر شريف جھڙو انسان شايد ئي پاڪستان جي انٽرٽيمنيٽ جي دنيا ۾ ڪڏھن اچي اداڪارا ميرا افسوس جو اظھار ڪندي چيو تھ عمر شريف سان ڪراچي جي اسپتال ۾ ملاقات ڪرڻي چاھي پئي، عمر شريف دل جو بادشاھھ ھو، ھن جي سوچ وڏي ھئي، پوري دنيا گھومي آھي، عمر شريف جھڙا ماڻھو تمام گھٽ آھن اداڪارا عتيقھ اوڍو جو چوڻ ھو تھ عمر شريف پاڪستان جو نالو سڄي دنيا ۾ روشن ڪيو، عمر شريف ۽ معين اختر نھ رڳو اداڪاري ڪئي پر انسانيت بھ سيکاري، ڏکئي وقت ۾ گھڻن ماڻھن منھنجو ساٿ ڇڏيو، پر عمر شريف ساٿ ڏنو اداڪارا ھمايون شعيد بھ افسوس جو اظھار ڪندي چيو تھ عمر شريف جي باري ۾ ٻڌي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو، اھو وڏو ڪاميڊي جو بادشاھھ ھو، اللھ ھن جي روح کي سلامت رکي،اسان اوھان کي ياد ڪنداسين، عمر ڀاءُ اداڪارا سونيا حسين جو چوڻ ھو تھ مونکي اھو ڏينھن ياد آھي جڏھن اسان پھريون ڀيرو مليا ھئاسين، مان انڊسٽري ۾ نئين ھئس ۽ انھيءَ ڪري ٿورو گھڻو گھبرايل ھئس، ھڪ دفعو اسان ٻنھي کي ھڪ شو ۾ گھرايو ويو ھو، ھو مون وٽ آيو ۽ کلندي چيو، پٽ ننڍي ڪيمرا کان نھ گھٻرائي، پنھنجي ٽيلينٽ کي ايترو مضبوط ڪر کي جو ڪيميرا تنھنجي پرفارمنس کي ڏسي ڪري گھٻرائجي وڃي مشھور گلوڪار علي ظفر بھ افسوس جو اظھار ڪندي چيو تھ عمر شريف صاحب جي لاڏاڻي تي ڪجھھ ڳالھائڻ لاءِ مون وٽ لفظ ئي ناھن. اللھ ھن کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ ھن جي خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي، آمين گلوڪار ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ابرار الحق چيو تھ ”اسان کي کلائي وارو اڄ اسان کي روئاڙي ھليو ويو، عمر شريف جي حب الوطني ۽ انسان دوستي کي نٿو وساري سگھجي.“ اداڪارا ماھرھ خان افسوس جو اظھار ڪندي چيو تھ ”اوھان کي ھميشھ ياد رکيو ويندو، کلائڻ جي لاءِ مھرباني“ نجي نيوز چئنل سان ڳالھائيندي ماضي جي مشھور اداڪارا بابرا شريف جو چوڻ ھو تھ عمر شريف ماڻحن جي لاءِ روزگار جو بندوبست ڪيو ھو، ھن جھڙو انسان صدين ۾ پيدا ٿيندو آھي، عمر شريف اسان جي لاءِ جيڪو ڪندو ھو شايد ئي ملڪ جو سربراھ ڪري، عمر شريف چوندو ھو تھ بابرا شريف ۽ عمر شريف جي نالي سان ھڪ فلم اچڻ گھرجي مشھور اسٽيج اداڪار شڪيل صديقي جو چوڻ ھو تھ اسان جيڪو ڪجھھ بھ سکيو عمر شريف کان سکيو، عمر شريف جي لاءِ جيڪو جو چيو وڃي اھو گھٽ آھي، دنيا ۾ اسٽيج کي روشناس ڪرائڻ ۾ عمر شريف جو ھٿ آھي، عمر شريف جي وجھ کان گھڻن اداڪارن کي دنيا ۾ سڃاڻپ ملي شڪيل صديقي جو چوڻ ھو تھ جيسيتائين ڪاميڊي رھندي عمر شريف جي نقل ٿيندي رھندي، عمر شريف ڪم جي معاملي ۾ گھڻو سخت ھو، ڀارت ۾ جيترا بھ ڪاميڊين آھن سڀ عمر شريف کي استاد مڃين ٿا، حڪومت کان اپيل آھي تھ ھن جي والھ جي نالي تي عمر شريف جو اسپتال ٺاھڻ جو مشن پورو ڪيو وڃي اسٽيج جي مشھور اداڪا سليم آفريدي جو چوڻ ھو تھ ملڪ ۾ ڪاميڊي جو باني عمر شريف آھي، عمر شريف جي ماءُ سان خاص رشتو ھو، ھن جي نالي تي اسپتال ٺاھي رھيو ھو سينيئر اداڪا توقير ناصر جو چوڻ ھو تھ عمر شريف ھڪ عظيم ماڻھو ھو، عمر شريف جو لاڏاڻو ملڪ جو نقصان آھي، عمر شريف سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، عمر شريف کان ڪيترائي ڀيرا مليس پر ڪڏھن بھ اداس نھ ڏٺم اداڪارا شفقت چيما جو چوڻ ھو تھ عمر شريف جو خال ڪير ٻيو نھ ڀري سگھي، عمر شريف جون يادون ھميشھ گڏ رھنديون، اللھ عمر شريف کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ جاءِ عطا فرمائي اداڪارا ريشم جو چوڻ ھو تھ عمر شريف وڏو فنڪار ھو، ھن جي شان ۾ الفاظ ننڍا پئجي ويندا آھن، عمر شريف بي پناھھ صلاحيتن جو مالڪ ھو، دنيا کي عمر شريف جي قدمن ۾ ويھندي ڏٺو آھي، عمر شريف جو ڪم ۽ ان جي محبت ھميشھ دلين ۾ زندھ رھندي اداڪار احسن خان عمر شريف جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظھار ڪندي چيو تھ عمر شريف پاڪستان جو نالو پوري دنيا ۾ روشن ڪيو، عمر شريف انڊسٽري جي گھڻو ڪم ڪيو اداڪارا سلومي جو چوڻ ھو تھ عمر شريف سان گڏ گھڻيون يادگيريون سلھاڙيل آھن، عمر شريف سان گڏ سٺو وقت گذاريو، عمر شريف ھميشھ اٻوجھھ ماڻھن جي مدد ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔