ڊي جي ايڪسائيز آفيس مان شهري کي اغوا ڪندڙ جوابدار ايڪسائيز پوليس جو اهلڪار نڪتو

ڪراچي: ڪراچي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڊي جي ايڪسائيز آفيس مان شهري کي اغوا ڪندڙ جوابدار ايڪسائيز پوليس جو اهلڪار نڪتو. پوليس موجب ، گذريل ڏينهن پوليس وردي ۾ هڪ عورت سميت ڇهن ماڻهن علي حسين جي گهر تي ڇاپو هنيو ، جنهن دوران انهن ٻه تولا سون، نقد ۽ قيمتي شيون قبضي ۾ ورتيون ۽ علي حسين کي کڻي ويا. پوليس موجب ، شام جي وقت ، اغوا ڪندڙن پاران ڀنگ لاءِ گهرڀاتين کي فون ڪئي. 5 لک رپين ۾ معاملو طئي ٿيو، اغوا ڪندڙن گهرڀاتين کي رات جو ڊي جي آءِ آءِ چندريگر روڊ تي ڊي جي ايڪسائيز جي آفيس ۾ گهرايو. پوليس مغوي کي اي ٽي او جي آفيس مان برآمد ڪيو. پوليس موجب ڇاپي دوران ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ عورت سميت ٽن ماڻهن جي ڳولا جاري آهي پوليس چيو ته جنوري ۾ به بازياب ٿيل شهري کي اغوا ڪيو ويو هو ۽ شهري کي سندس گهر مان اڳوڻي ڊي ايس پي ناصر شيخ اغوا ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔