اسٽيج جي بي تاج بادشاهه عمر شريف جي زندگيءَ تي هڪ نظر

ڪراچي: ڪاميڊي جو سپر اسٽار عمر شريف 19 اپريل 1955 تي ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ جنم ورتو، پاڪستان جي هن فنڪار 14 سالن جي عمر کان اسٽيج اداڪاري شروع ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪاميڊي جي دنيا جو ڪنگ بڻجي ويو. هن ڪاميڊي جو جيڪو منفرد انداز تعارف ڪرايو ان ۾ عوامي لهجو، انداز ۽ روز مره جي واقعن جو مزاحيه تجزيو شامل رهيو. عمر شريف ٿيٽر ۽ اسٽيج ڊرامن جو بي تاج بادشاهه هو، هن ٽي وي ۽ فلمن ۾ به پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو پر هن جي مقبوليت جو سبب مزاحيه اسٽيج ڊرامه آهن. عمر شريف جا صرف پاڪستان ئي نه پر هندستان ۽ جتي اردو ٻولي ڳالهائي سمجهي وڃي ٿي اتي هن جا مداح موجود آهن.عمر شريف کي خدمتن تي نگار ايوارڊ، تمغه امتياز ۽ ٻيا ڪيترائي ايوارڊز سان نوازيو ويو. ياد رهي ته عمر شريف کي پاڪستان کان علاج لاءِ 28 سيپٽمبر تي ائير ايمبولينس جي ذريعي آمريڪا روانو ڪيو ويو هو پر ڊگهو سفر ۽ ٿڪاوٽ جي ڪري کيس جرمني جي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي هن جي طبيعٽ بگڙجي وئي ۽ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيائين. آمريڪا ۾ موجود اداڪار عمر شريف جو ڊاڪٽر طارق شهاب ٻڌايو هو ته جرمني ۾ عمر شريف جو ڊائيلسز کانپوءِ ڊاڪٽرز جي هدايت جي روشني ۾ آمريڪا منتقل ڪيو ويندو، پر عمر شريف جي حياتي جرمني تائين پوري ٿي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔