سنڌ ۾ اٽي جو بحران: خوراڪ کاتي ڪڻڪ جاري نه ڪئي، اگهه 90 رپيا ڪلو تي پهتو

ڪراچي : سنڌ ۾ اٽي جو بحران، برانڊيڊ اٽو 90 ۽ چڪي جو اٽو 88 رپيا ڪلو تائين پهچي ويو، خوراڪ کاتي آڪٽوبر مهينو شروع ٿيڻ باوجود 2000 رپين واري امدادي اگھه تي خريد ڪيل 12 لک ٽن ڪڻڪ فلور ملن ۽ اٽي چڪين کي جاري نه ڪئي، سنڌ ڪابينا جي 5 آڪٽوبر تي سڏايل اجلاس ۾ ڪڻڪ جاري ڪرڻ  بابت پاليسي جوڙڻ لاءِ ايجنڊا شامل ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب ته سنڌ ۾ برانڊيڊ ۽ چڪي جي اٽي جي اگهن ۾ اوچتو واڌ ٿي وئي آهي،

جڏهن ته خوراڪ کاتي اڃا تائين ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، سکر، ميرپورخاص ، شهيد بينظيرآباد،  دادو، گھوٽڪي، بدين، نوشهروفيروز، ڪشمور، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن جي اٽي چڪين ۽ فلور ملن کي امدادي اگھن تي ڪڻڪ جاري ڪرڻ واري معاملي تي اڃا تائين ڪا پاليسي ناهي جوڙي، سنڌ ڪابينا جي 5 آڪٽوبر تي رٿيل اجلاس ۾ ڪڻڪ پاليسي جي منظوري وٺي  16 آڪٽوبر کان ڪڻڪ رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو،  واضح رهي ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال 500 کان وڌيڪ خريداري سينٽرن ذريعي 12 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪئي آهي، جيڪا هن وقت فوڊ گدامن ۾ اسٽاڪ پيل آهي،

ٻئي طرف  خوراڪ کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته سنڌ ڪابينا پاران ڪڻڪ پاليسي جي منظوري ڏيڻ بعد 16 آڪٽوبر کان فلور ملن کي روزانو 7 هزار ٽن ڪڻڪ جاري ڪئي ويندي،  اختارين موجب هيل ساڍا 10 لک ٽن فلور ملز ۽ اٽي چڪين کي ملندي، هوڏانهن فلور ملن ۽ اٽي چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته خوراڪ کاتو هر سال  پهرين آڪٽوبر کان ڪڻڪ سرڪاري اگھه تي فراهم ڪندو آهي،

هيل ڪڻڪ رليز نه ٿيڻ ڪري  اسان اوپن مارڪيٽ مان 2200 کان 2300 رپيا في مڻ  واري مهانگي اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهيون. اهڙي صورتحال سبب اسان کي اٽو مهانگو وڪرو ڪرڻو پئجي رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته خوراڪ کاتو اٽي جي بحران تي ڪنٽرول لاءِ ڪڻڪ جاري ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔