ميرا عدالت ۾ صفايون پيش ڪندي روئي ڏنو

لاهور: پاڪستان فلم انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا ميرا چيو آهي ته منهنجي ڪوڙي نڪاح واري ڪيس جي ڪري فلم انڊسٽري کي اربين رپين جو نقصان ٿيو آهي.
اداڪارا ميرا لاهور جي سيشن عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته منهنجي خلاف اهڙا ڪيس نه هجن ها ته ڪيتريون ئي فلمون سيٽ تي هجن ها ۽ انڊسٽري بند نه هجي ها.
ميرا چيو آهي ته شوٽنگ ۾ جيڪو ڪجهه به ٿيندو آهي ته اهو ڪوڙ هوندو آهي، جڏهن اسان شوٽ ڪندا آهيون ته ڪوڙ ئي ڳالهائيندا رهندا آهيون.
هن چيو ته شوٽنگ کي حقيقت سان نٿو جوڙي سگهجي، اسان ڪوڙ جو ڪم ڪندا آهيون.
اداڪارا عدالت کي ٻڌايو ته عتيق الرحمان هڪ فلم جي نڪاح واري سين کي اصل نڪاح جي وڊيو طور پيش ڪيو.
اهڙي موقعي تي ميرا جذباتي ٿي وئي ۽ عدالت ۾ روئڻ لڳي ۽ رڙيون ڪندي رهي، عدالت کيس رڙيون ڪري ڳالهائڻ کان روڪي ورتو. ميرا چيو ته اسان ڪوڙ جو ڪم ڪندا آهيون، اهو نڪاح سچ ۾ نه هو.
واضح رهي ته اداڪارا ميرا جولاءِ 2009 ۾ نڪاح جي انڪار وارو ڪيس فيملي عدالت ۾ چيلينج ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔