نينگري موبائل فون جا ڌڪ هڻي دوست کي ماري ڇڏيو

بيونس آئرس: نينگري موبائل فون جا لاڳيتو ڌڪ هڻي دوست کي ماري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ارجنٽائن ۾ 22 ورهين جي نينگري ۽ سندس دوست وچ ۾ ڪنهن ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو.
نينگري پنهنجي موبائل فون سان لاڳيتو ڌڪ هڻي دوست کي زخمي ڪيو، مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب دوست سخت زخمي ٿي پيو، کيس اسپتال آندو ويو جٿي هفتي تائين ڊاڪٽر ڪوشش ڪندا رهيا پر سندس زندگي بچائي نه سگهيا، نينگري کي عدالت آندو ويو، جٿي هن بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته پهرين دوست مون تي حملو ڪيو ۽ منهنجو چهرو بگاڙڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن جي بچاءُ ۾ مون کيس موبائل فون سان ڌڪ هنيا، عدالت نينگري کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو جڏهن ته پوليس کي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔