موسميات کاتي پاران مختلف شهرن ۾ اڄ کان 2 آڪٽوبر تائين تيز برساتن جو امڪان

ڪراچي: موسميات کاتي وارننگ جاري ڪئي آهي ته عرب سمنڊ جي اولهه اوڀر ۾ ڊيپريشن جي سائيڪلونڪ اسٽارم ۾ تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۽  سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ کنوڻ سان تيز برساتن سبب ٻوڏ به اچي سگهي ٿي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ ٺٽو، بدين، سجاول، ڪيٽي بندر، گهارو، ميرپورساڪرو، ڌاٻيجي جاتي ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي جنهن انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي رستن ۽ گهٽين ۾ بيهجي ويو آهي. بجلي ۽  مواصلاتي نظام به ڊانواڊول بڻجي ويو.

موسميات کاتي پاران الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جنهن موجب اتر اولهه عرب سمنڊ ۾ ٽراپيڪل سامونڊي طوفان جي شڪل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ مڪران جي سامونڊي علائقن ۾ تيز هوائن سان طوفاني برساتن جو امڪان آهي. موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب سائيڪلونڪ اسٽارم گلاب جو رهيل حصو واضح هوا جي گهٽ دٻاءُ جي صورت ۾ ڀارتي گجرات جي ڏکڻ ۾ موجود آهي. ان جو رخ اتر اولهه طرف آهي. اڄ سسٽم اتر اولهه عرب سمنڊ ۾ پهچي شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. ان سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين ۾ 30 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر دوران وڏي پيماني تي برساتن جو امڪان آهي. جڏهن ته ان دوران ميرپورخاص، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به برسات پوڻ جو امڪان آهي. ان دوران تيز هوائون ۽ ڪٿي کنوڻ سان تيز برساتن جو به امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان 3 آڪٽوبر جي وڏي پيماني تي برساتن جو امڪان آهي. بلوچستان جي سامونڊي هنڌن تي به تيز هوائن ۽ کنوڻ سان تيز برسات پئجي سگهي ٿي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل الرٽ موجب 30 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر جي دوران  سمنڊ ۾ چاڙهه اچي سگهي ٿو. مهاڻن کي 30 سيپٽمبر کان 3 آڪٽوبر دوران اونهي سمنڊ ۾ وڃڻ کان منع ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔