ڪورونا سبب وڌيڪ 39 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا، 1700 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي ملڪ ۾ وڌيڪ 39 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 729 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 45 هزار 127 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ هزار 742 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 31 هزار 92، سنڌ ۾ 4 لک 57 هزار 458، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 73 هزار 796، بلوچستان ۾ 32 هزار 916، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 321، اسلام آباد ۾ هڪ لک 5 هزار 417 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 127 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 93 لک 86 هزار  106  ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 52 هزار 635 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 69 هزار 566 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 3 هزار 768 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 39 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 729 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 617،  سنڌ ۾ 7 هزار 382، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 537، اسلام آباد ۾ 923، بلوچستان ۾ 348، گلگت بلتستان ۾ 184 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 738 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔