وفاقي سرڪارپاران مهانگائي جي ستايل عوام مٿان ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون

لاهور: وفاقي سرڪار مهانگائي جي ستايل عوام مٿان هڪ دفعو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن.

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ پنج روپيه پنجويهه پئسا في ليٽر واڌ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت اڄ رات جو نئين قيمتن جو اعلان ڪندي. ذريعن موجب پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ واري اوگرا جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي ملي وئي آهي. پهرين آڪٽوبر کان پيٽرول 5 روپيه 25 پئسا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 3 روپيه في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.

قيمتن ۾ واڌ جو حتمي فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان صلاح مشوري کان پوءِ ڪندي. قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو دارومدار پيٽروليم ليوي ۽ جي ايس ٽي تي هوندو. هن وقت پيٽرول مٿان پيٽروليم ليوي 5 روپيه 62 پئسا في ليٽر آهي. ڊيزل تي في ليٽر 5 روپيه 14 پئسا پيٽروليم ليوي لاڳو آهي.  

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔