شاهه محمود قريشي ٻي پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو، منظور وساڻ اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ جي زراعت واري صلاحڪار منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته شاهه محمود قريشي ٻئي پارٽي ٺاهڻ چاهي ٿو پر اهو نٿو ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو زراعت بابت صلاحڪار پنهنجي اڳڪٿين جي حوالي سان ڪافي شهرت رکي ٿو.

منظور وساڻ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجي اڳڪٿي جو اظهار ڪيو آهي ۽ هن ڀيري ان جي اڳڪٿي عام چونڊن، وزيراعظم عمران خان ۽ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي بابت آهي. منظور وساڻ اڳڪٿي ڪئي آهي ته شاهه محمود قريشي ٻئي پارٽي ٺاهڻ جي چڪر ۾ آهي پر هو ان ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن هو پارٽي نه ٺاهي سگهيو ته ڪنهن ٻئي پارٽي ۾ هليو ويندو. جڏهن ته عليم خان ۽ جهانگير ترين سميت سندس ٻيا ويجها دوست عمران خان سان بغاوت ڪري چڪا آهن ۽ عمران خان سان ناراض وڌيڪ ميمبر ايندڙ سال سامهون اچي ويندا جيڪي پنهنجن ساٿين سميت بغاوت جو اعلان ڪندا. منظور وساڻ چيو ته احتساب جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ان مان ڪير به نٿو بچي سگهي. اڄ اپوزيشن جون گرفتاريون آهن. 2022 ۾ حڪومتي ميمبرن جون گرفتاريون ٿينديون.

پ پ اڳواڻ چيو ته عمران خان پنجاب ۾ بلدياتي چونڊون نه ڪرائيندو هو ڪونه ڪو بهانو ڪري ايندڙ سال عام چونڊن جو اعلان ڪندو. سموريون سياسي پارٽيون چونڊن جي تياري ڪن.  ايندڙ سال آڪٽوبر تائين چونڊون ڏسي رهيو آهيان. سال 2022 ۾ جنهن جي حڪومت ٺهندي عمران خان جا ويجها ساٿي ان حڪومت ۾ ويندا اها پاڪستان جي  سياسي تاريخ آهي جنهن  به جنهن جي مٿان مهرباني ڪئي آهي ان  وري ان سان ئي غداري ڪئي آهي. کٽڻ وارو وقت گذري ويو، پچ تيار آهي، عمران خان جي هارائڻ جو وقت شروع آهي، هو کيڏي  ئي نٿو سگهي ته وري کٽيندو ڪيئن. عمران خان جي زوال جا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔