ملڪ ۾ اهڙو نظام هجڻ گهرجي، جنهن ۾ انصاف ملي: مريم نواز

لاهور: ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مان ۽ نواز شريف سياست لاءِ ڪافي آهيون، جنهن کي مون سان وڙهڻو آهي ته سياسي طور وڙهي.

ن ليگ پنجاب جي اهتمام هيٺ لاهور ڊويزن جي ميٽنگ پارٽي قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ مريم نواز، راڻا ثناءُ الله، حمزا شهباز شريف، احسن اقبال، عظميٰ بخاري، مريم اورنگزيب، عطا تارڙ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته ملڪ ۾ اهڙو نظام هجڻ گهرجي، جنهن ۾ انصاف ملي، اهڙو نظام نه هجي ته 3 ڀيرا وزيراعظم رهندڙ کي جيل ۾ وڌو وڃي.

نيب چيئرمين جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سندس چوڻ هو اسان جو آئين ته نٿو چئي واڌ ٿئي.

سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير جي ويڊيو جي معاملي تي مريم نواز چيو ته محمد زبير کي گهڻي وقت کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون، مبينا ويڊيو جي حقيقت ڇا آهي، اهو الله ۽ محمد زبير ڄاڻي پر محمد زبير منهنجو ترجمان رهندو.

هن وڌيڪ چيو مان ته چاهيان ٿي نواز شريف ڊسمبر کان اڳ اچي وڃي، هو به پاڪستان اچڻ لاءِ بيچين آهي پر ڪجهه ماڻهو نواز شريف جو وات بند ڪرڻ چاهين ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔