ايف بي آر جو ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ نه وڌائڻ جو اصولي فيصلو

اسلام آباد : فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ايف بي آر جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ نه ڪئي ويندي، جڏهن ته ايسوسيئيشن آف پرسنز لاءِ به ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ نه وڌائي ويندي، ڪمپنين لاءِ به ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ نه وڌندي.
پڌرائيءَ موجب هارڊ شپ ڪيسن لاءِ ٽيڪس گذار مدي ۾ واڌ جي درخواست ڏئي سگهن ٿا ۽ انڪم ٽيڪس ڪمشنر ٽيڪس گذارن جي مدي ۾واڌ جون درخواستون منظور ڪري سگهن ٿا.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ايف بي آر، آءِ آر آءِ ايس سسٽم کي آسان ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٽيڪس ريٽرن فائنل ڪرڻ جي آخري تاريخ 30 سيپٽمبر آهي ۽ ريٽرن فائنل ڪرڻ جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔