خبردار! ڪورونا وائرس شگر جو به سبب بڻجي سگهي ٿو

ڪووڊ 19 نه رڳو ڊيابطيس جي مريضن جي لاءِ موتمار ثابت ٿيڻ وارو مرض آهي پر اهي ڪيترن ئي مريضن ۾ ان ميٽابولڪ بيماري جو سبب به بڻجي سگهي ٿو.
اهڙي ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
ان تحقيق ۾ ڏٺو ويو آهي ته ڪووڊ 19 لبلبي ۾ انسولين بڻائڻ واري خلين کي متاثر ڪرڻ وارو مرض آهي جيڪو انهن جي افعال کي بدلائي ڇڏيندو آهي، ان سان اها امڪاني وضاحت ٿئي ٿي ته اڳ ۾ صحتمند ماڻهو ڪورونا وبا مان متاثر ٿيڻ کانپوءِ ذيابطيس جا مريض ڇو بڻجي ويندا آهن.
تازو مليل اشارن مان ڪووڊ 19 کي شڪست ڏيندڙ ڪجهه مريضن ۾ ذيابطيس ٽائپ 1 ۽ 2 جو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي، جيتوڻيڪ ماضي ۾ انهن ۾ ان بيماري جي ڪو به امڪان نه هو.
ان حوالي سان مختلف خليا سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ امڪاني وضاحت ڪئي وئي هئي، هڪ خيال اهو به هو ته ڪورونا وائرس لبلبي جي خلين ان ئي ايس ريسيپٽرز جي ذريعي متاثر ڪندو آهي جيڪو ڦڦڙن جي خلين جي سطح تي به موجود هوندو آهي ۽ اهڙي ريت انسولين ٺهڻ جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي.
انسولين اهڙو هارمون آهي جيڪو رت ۾ موجود گلوڪوز جي سطح کي ريگيوليٽ ڪندو آهي، هڪ ٿيوري ته اها به هئي ته وائرس جي خلاف ضرورت کان وڌيڪ مدافعتي ردعمل جي ڪري لبلبي جي خلين کي نقصان پهچندو آهي يا جسم ۾ ورم جي ڪري ٽشوز جي انسولين تي رد عمل جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي.
انهن خلين جي جاچ پڙتال جي لاءِ وائيل ڪارنيل ميڊيسن جي ماهرن ليبارٽري ۾ تيار ڪيل لاتعداد خلين ۾ جاچ پڙتال ڪئي ته ان ۾ ڪير ڪير ڪووڊ سان متاثر ٿي سگهن ٿا.
نتيجن مان اشارو مليو ته ڦڦڙن، جگر ۽ لبلبي جا خليا ان وائرس مان متاثر ٿي سگهن ٿا جڏهن ته دماغ جي ڊوپامائن بڻائڻ وارا خليا به ان بيماري مان متاثر ٿي سگهن ٿا.
وڌيڪ تجربن مان انڪشاف ٿيو آهي ته لبلبي ۾ موجود انسولين بڻائڻ وارا بيٽا خليا به ان بيماري جو هدف ٿي سگهن ٿا ۽ اهو هڪ ڀيرو متاثر ٿيڻ تي انهن خلين مان انسولين جي مقدار بڻجڻ گهٽجي ويندو آهي.
ماهرن ٻڌايو ته اسان ان کي لائنيج ري پروگرامنگ به ڪري سگهون ٿا، ڇو ته سيليولر فيٽ بدلجي ويندا آهن ته اهي انسولين جي بدران مختلف هارمونز جي چونڊ ڪرڻ لڳندا آهن، اهڙي ڳولا مان ڪووڊ جي حوالي سان وڌيڪ گهرائي ۾ وڃڻ جو موقعو مليو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔