والاريل ڪشمير: اڳوڻي وڏي وزير محبوبا مفتي نظربند

سري نگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير جي اڳوڻي وڏي وزير محبوبا مفتي کي گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي بيان ۾ محبوبا مفتي چيو آهي ته ڀارتي فوج جي لٽمار جو شڪار بڻيل ترال جي ڳوٺ وڃڻ کان روڪيندي هڪ ڀيرو ٻيهر نظر بند ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته اها آهي ڪشمير جي حقيقي تصوير، ڀارتي حڪومت وادي ۾ ايندڙ معززن کي گائيڊڊ پڪنڪ ٽوئرز ٻڌائڻ جي بدران وادي جي اصل تصوير ڏيکاري.
ٻڌايو پيو وڃي ته محبوبا مفتي کي اڄ ضلعي پلواما ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن جو شڪار ڪشميري خاندان سان ملڻ وڃڻو هو.
محبوبا مفتي گذريل ڏينهن سوشل ميڊيا تي ترال جي ڳوٺ ۾ ڀارتي فوج جي گهرن ۾ لٽمار ۽ ڀڃ ڊاهه ۾ هڪ ڪشميري ڇوڪري جي زخمي ٿيڻ بابت به ٻڌايو هو.
محبوبا مفتي جو چوڻ هو ته اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي ٿيو ڀارتي فوج علائقي واسين خلاف اهڙي پُرتشدد ڪارروايون ڪندي رهندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔