ڪنگنا رناوت غلطي ڪري سياستدانن سان جُڙي وئي

ممبئي: باليووڊ جي سندري ڪنگنا رناوت ڪجهه چوي يا ڪجهه ڪري ته اهو گفتگو جو موضوع نه بڻجي، اهو به ڀلا ٿي سگهي ٿو؟
ڪنگنا رناوت اڱاري جي صبح ممبئي ايئرپورٽ پهتي ته جيئن شهر کان ٻاهر وڃڻ جي لاءِ جهاز ملي سگهي، ايئرپورٽ ٽرمينل تي وڃڻ کان اڳ ڪنگنا رناوت فوٽو گرافرن کي ڏسي خوش ٿي وئي، اداڪارا انهن کي خوبصورت پوز ڏنا ۽ وڪٽري جو نشان ڏيکاريو.
بالي ووڊ راڻي پنهنجي ڌُن ۾ مگن هئي ته ايئرپورٽ تي ”نو ماسڪ، نو انٽري“ جو سائين بورڊ نظر انداز ڪري ڇڏيو.
ان جي مداحن ان ڳالهه کي نوٽيس ڪيو ته ڪنگنا رناوت ايئرپورٽ تي وڃڻ دوران ماسڪ ناهي پهريو، جنهن تي ڪنگنا رناوت جي ايئرپورٽ تي ڪورونا وائرس ايس او پيز جي ڀڃڪڙين کي هڪ فوٽو گرافر سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو.
وڊيو ۾ واضح ڪيو ويو ته ڪنگنا رناوت جٿان گذري ته ان جي ويجهو نو ماسڪ نو انٽري جو بورڊ لڳل هو جنهن کي اداڪارا ڏسڻ مناسب نه سمجهو.
باليووڊ ڪوئين جا اهڙي وڊيو وائرل ٿيڻ تي ماڻهن وڏا تبصرا ڪيا آهن، هڪ ته لکيو ”واهه، نو ماسڪ، نو انٽري کي، ڇا ته نظر انداز ڪيو آهي“.
هڪ واهپيدار ته چيو جيئن سياسي پارٽيون اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ کانپوءِ عوام کي نظر انداز ڪنديون آهن ائين کي ڪنگنا ان بورڊ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو.
ياد رهي ته ڪنگنا رناوت هلندڙ سال ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ صحتياب ٿي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔