انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ تي معافي گهري ورتي

لاهور: انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ تي معافي گهري ورتي آهي. چيئرمين اين وٽمور چيو آهي ته فيصلي سان پاڪستان سميت ڪرڪيٽ جي شوقينن کان معافي گهران ٿو.
انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين اين وٽمور پاڪستان ۾ سيريز نه کيڏڻ جي فيصلي تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مون کي ڏک آهي ته فيصلي سان پاڪستان ۾ ماڻهن کي مايوسي ٿي آهي. پاڪستان جو دورو نه ڪرڻ جو فيصلو بورڊ جو هو. فيصلي جي لاءِ رانديگرن سان مشورو نه ڪيو ويو هو.
سيزن جي مصروفيتن سبب ذهني تندرستي جي لاءِ فيصلو ڪيو ويو. بورڊ جيڪو فيصلو ڪيو اهو ڪافي مشڪل هو. اي سي بي چيئرمين چيو ته تفصيل ۾ نه ويندس. سيڪيورٽي ۽ ويلفيئر جي تجويز تي فيصلو ڪيو ويو. ورلڊ ڪپ جو نيوزيلينڊ جي پاڪستان مان وڃڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ويو. فيصلي جو بنيادي سبب رانديگرن جي ويلفيئر ئي هئي. پاڪستان سان نئين سري سان لاڳاپا ٺاهينداسين.
اسان کي 2022 جي دوري جي حوالي سان ٻيهر فوڪس ڪرڻو پوندو. پاڪستان جا ٿورائتا آهيون هو گذريل سال انگلينڊ آيا، ايندڙ سال شيڊول دوري جي حوالي سان جيڪو ٿي سگهيو اسان اهو ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔