طالبان جي ڪنٽرول بعد اداڪار ۽ فنڪار ڀاڄيون، کير، ميوا وڪڻڻ تي مجبور

ڪابل: جڏهن کان طالبان گذريل مهيني افغانستان جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، ملڪ جو منظر ئي تبديل ٿي ويو آهي، نتيجي ۾ فنڪار سخت پريشانين ۾ مبتلا آهن. ترڪ نيوز ايجنسي انادولو هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته افغانستان ۾ شوبز انڊسٽري تباهي جي ڪناري تي آهي جڏهن کان طالبان قبضو ڪيو آهي ته ملڪ جا نامور ڳائڻا ۽ اداڪار ميوا ، ڀاڄيون، کير ۽ گوشت وڪرو ڪري گذران ڪرڻ تي مجبور آهن. رپورٽ موجب ، ڪيترن ئي فنڪارن موٽر سائيڪل جي مرمت جا دڪان کوليا آھن جن تي اھي ميڪنڪس طور ڪم ڪري رھيا آھن. اتي ڪجھه اداڪار ۽ موسيقار پڻ اهڙا آھن جن ملڪ جي مختلف شھرن ۾ روايتي افغان فوڊ ھوٽل يا برگر اسٽال قائم ڪيا آھن. نيوز ايجنسي موجب ، ڪابل شور بازار جو ’سر چوڪ‘ ، جيڪو موسيقي ۽ تفريح لاءِ مشهور آهي ، هاڻي روزمره جي دڪانن جي مارڪيٽ ۾ تبديل ٿي ويو آهي. شوبز جا فنڪار طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي خوف واري حالت ۾ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔