سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ سڄي ملڪ ۾ ترقياتي فنڊز جو مسئلو آهي، بلدياتي حڪومتون به فنڊز لاءِ دانهون ڪنديون رهيون آهن، سپريم ڪورٽ طرفان ڪي پي جي ترقياتي فنڊز بابت ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ويا، جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ روڊ رستا، اسڪول ۽ اسپتالون ٺهڻ گهرجن، هر علائقي کي بُنيادي سهولتن جي فراهمي جي ضرورت آهي، جسٽس منصور علي شاهه پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هر علائقي ۾ هڪجهڙي ترقي ٿيڻ گهرجي، ائين نه ٿئي ته ڪنهن علائقي کي فنڊز ئي نه ملن، ڪي پي سرڪار ۽ درخواستگذار فنڊز مامرو حل ڪرڻ لاءِ عدالت کان مهلت گهري ورتي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔