برطانوي عدالت شهباز نه، پر سليمان شهباز خلاف ڪيس تي فيصلو ڏنو آهي: شھزاد اڪبر

اسلام آباد: احتساب بابت وزيراعظم جي صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته برطانوي عدالت شهباز نه، پر سليمان شهباز خلاف ڪيس تي فيصلو ڏنو آهي، لنڊن ۾ شهباز شريف خلاف ڪيس ئي نه هو، نواز ليگ وارا حقيقتن کي ٽوڙي مروڙي جعلي بيانيو گَهڙَي رهيا آهن. برطانوي عدالت سليمان شهباز خلاف ڪيس ۾ ڌُرين وچ ۾ ٺاهه جي بنياد تي فيصلو ڏنو آهي، فيصلي ۾ ڪٿي به شهباز شريف جو نالو لکيل ناهي، برطانيا جي نيشنل ڪرائيم ايجنسي پاڻ سليمان شهباز جي شڪي ٽرانزيڪشن واري رقم منجمد ڪئي، بعد ۾ بحال ڪري ڇڏي، پاڪستان ڪابه شڪايت نه ڪئي هئي، شريف ڪٽنب کان ڪير پُڇي ته سليمان جا اثاٿا ڇو منجمِد ڪيا ويا. ٻئي پاسي نواز ليگ اڳواڻ عطاء تارڙ طرفان شهزاد اڪبر کي جوابي ٽوئيٽ ۾ احتساب بابت صلاحڪار جي آفيس مان برطانوي اين سي اي کي لکيل خط جاري، عطاءُ تارڙ جو چوڻ آهي ته برطانوي اين سي اي کي توهان جي آفيس مان 11 ڊسمبر 2019ع تي لکيو ويو، خط ۾ شهباز شريف خلاف پاڪستان ۾ هلندڙ ڪيسز جا تفصيل به ٻڌايا ويا، پي ٽي آءِ حڪومت ٽن سالن ۾ ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام هنيا، برطانوي عدالت ۽ نيشنل ڪرائيم ايجنسي اُهي سمورا الزام رد ڪري ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔