فواد چوڌري بلدياتي اليڪشن نه ڪرائڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: فواد چوڌري بلدياتي اليڪشن نھ ڪرائڻ پي ٽي آءِ حڪومت جي غلطي قرار ڏئي ڇڏيو آھي،وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ لوڪل گورنمينٽ جي سڀ کان وڌيڪ مخالفت وڏا وزير ڪري رهيا آهن، وفاق طرفان مليل پئسو وزيراعليٰ هائوسز ۾ ڦاسي پوندو آهي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تھ سنڌ کي مالياتي ايوارڊ تحت 17-18 سئو ارب رُپيا مليا، پر سنڌ سرڪار ڪراچي تي هڪ رُپيو به خرچ نٿي ڪري. ڪراچي مان ووٽ ملڻ سبب پي ٽي آءِ سياسي ۽ عوامي دٻاءُ ۾ اچي ڪراچي کي 11 سئو ارب رُپيا ڌار ڏئي ڇڏيا، پر اسلام آباد ۾ ويهي ڪراچي جا مسئلا حل نٿا ڪري سگهجن. ھن چيو تھ بدقسمتي سان عدليه ۽ پارليامينٽ لوڪل گورنمينٽ تي دلچسپي ناهي ڏيکاري، 18هين ترميم کانپوءِ وفاق جا اختيار صوبن کي ته منتقل ٿيا، پر صوبن بلدياتي اختيار به واپس وٺي ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔