عمر شريف کي ايئر ايمبولينس کڻي آمريڪا رواني

ڪراچي: پاڪستان جي معروف ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف کي ايئر ايمبولينس کڻي آمريڪا رواني ٿي وئي. عمر شريف کي علاج آمريڪا وڃڻ کان اڳ ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم کيس چڪاس ڪري سفر لاءِ فٽ قرار ڏنو، جنهن بعد کيس ڪراچي ايئرپورٽ نيو ويو جتان ايئر ايمبولينس ذريعي آمريڪا روانو ٿي ويو. عمر شريف سان گڏ سندس گهرواري به ايئر ايمبولينس ۾ سفر ڪري رهي آهي، عمر شريف دل ۽ ٻين بيمارين ۾ مبتلا آهي. آمريڪا روانگي کان اڳ سندس خاندان پاران عوام کي صحتيابي لاءِ دعا جي اپيل ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔