سي اي اي جو سڀني ايئرلائنز جي اسٽاف کان به ايمبارڪيشن چارجز وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي: سول ايوي ايشن اٿارٽي (سي اي اي) جي سڀني ايئرلائنز جي اسٽاف کان به ايمبارڪيشن چارجز وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سول ايوي ايشن جي نوٽيفڪشن موجب سي اي اي بورڊ جي ھدايت تي ايئرلائين اسٽاف کان ايمبارڪيشن چارجز وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو جڏھن تھ عملدارن سڀني ايئرلائنز کي خط لکي آگاهه ڪري ڇڏيو آھي. ذريعن موجب ڊوميسٽڪ پروازن تي 500 روپيا ۽ بين الاقوامي پروازون 4500 روپين جي ايمبارڪيشن فيس آھي. ذريعن جو چوڻ آھي ته ايمبارڪيشن چارجز وٺڻ جي فيصلي تي فوري عمل شروع ٿي ويو آھي. ياد رھي ته انھيءَ کان پھريان ايئرلائين اسٽاف جي لاءِ ايمبارڪيشن چارجز مڪمل طور معاف ھئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔