طالبان ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ عورتن جي اسمارٽ فون استعمال ڪرڻ مٿان پابندي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ڪابل: طالبان افغانستان ۾ ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ عورتن جي اسمارٽ فون استعمال ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ وارين سمورين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
افغان ميڊيا جي رپورٽ موجب افغان ثقافت واري وزارت ۽ اطلاعات جي عهديدارن تازين خبرن جي خلاف سخت رد عمل جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ مختلف صوبن ۾ عورتن جي اسمارٽ فون جي استعمال تي پابندي طالبان جي سرڪاري پاليسي ۾ شامل نه آهي. طالبان عهديدارن طرفان اهو رد عمل ان وقت سامهون آيو جڏهن مبينه طور تي افغانستان جي صوبن جا پئسا هلمند ۽ تخار ۾ هڪ خط حجمن کي ڏنو ويو جنهن ۾ ڏاڙهي ڪوڙائڻ ۽ عورتن جي اسمارٽ فونز تي پابندي بابت هدايتون لکيل هيون.
اطلاعات ۽ ثقافت واري وزارت جي ميمبر انعام الله سمنگاني بيان کي غلط قرار ڏيندي چيو ته مذڪوره بيان سرڪاري طور تي جاري ناهي ڪيو ويو. جيڪو ڪجهه سوشل ميڊيا تي آهي اهو وزارت جي طرفان نه آهي. افغانستان جي قومي يڪجهتي پارٽي جي سربراهه سيد اسحاق گيلاني به ان سمورين خبرن کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته پابنديون لڳائڻ سان طالبان کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو اهڙي طرح جون حرڪتون امارت اسلامي افغانستان کي نقصان پهچائين ٿيون. ان سان دنيا ڊڄي ٿي ۽ ان سان اسان جي عالمي سڃاڻپ ڪڏهن به نه ٿي سگهندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔