ملڪ جي ٻن وڏن ادارن پي آءِ اي ۽ سي اي اي ۾ رقم جي ادائگي تي پيدا ٿيل تڪرار سنگين ٿي ويو

ڪراچي:ملڪ جي ٻن وڏن ادارن پي آءِ اي ۽ سي اي اي ۾ قم جي ادائگي تي پيدا ٿيل تڪرار سنگين ٿي ويو، سول ايويئيشن اٿارٽي پي آءِ اي تي سخت پابنديون لڳائي ڇڏيون، پي آءِ اي جون ايئرپورٽ سروسز روڪڻ ۽ مسافرن کي جهازن ۾ سوار ڪرڻ لاءِ برجز نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي سي اي اي طرفان جاري ٿيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ها اٿارٽي پاڻ پهرين آڪٽوبر کان مسافرن کان ايئرپورٽ سروس چارجز اوڳاڙيندي، پابندي بعد پي آءِ اي پنهنجي مسافرن کان سي اي اي جون چارجز اوڳاڙيون ته اٿارٽي اُن جي ذميوار نه هوندي. نوٽيفڪيشن موجب سي اي اي جون پي آءِ اي ڏانهن 127 ارب رُپيا رهتون آهن، واعدن باوجود پي آءِ اي طرفان ماهوار 25 ڪرور رُپيا قسطون ادا نه ڪرڻ تي ٻنهي ادارن ۾ تڪرار پيدا ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔