نصلا ٽاور غير قانوني زمين تي تعمير ڪيو ويو: لکت ۾ حڪم نامو جاري

ڪراچي: سپريم ڪورٽ نصلا ٽاور نظرثاني ڪيس ۾ لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪندي چيو آهي ته عمارت جو حصو غير قانوني زمين تي تعمير ڪيو ويو ، الاٽيز يا مالڪن کي حقيقي مالڪن جو درجو نٿو ڏئي سگھجي. عدالت چيو ته عدالتي حڪم الاٽيز جي مفادن جو به تحفظ ڪري ٿو. عمارت بابت 780 گز کان وڌيڪ ليز کان ڪاغذ نه ڏيکاريا ويا، اضافي ليز لاءِ ڪوبه قانوني جواز مهيا نه ٿي سگهيو. بار بار سنڌي مسلم سوسائٽي پاران جاري ڪيل خط ڏيکاريا ويا، سنڌي مسلم سوسائٽي کي ليز جاري ڪرڻ جو اختيار نه ھو، تنهنڪري نظرثاني جون درخواستون رد ڪيون ويون آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔