سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 18 ڄڻا فوت، 554 نوان ڪيس ظاهر

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪورونا جا 14781 نمونا چڪاسيا ويا، جن مان وڌيڪ 554 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 18 ڄڻا فوت ٿي ويا، اهڙي ريت فوتين جو ڪل انگ وڌي 7379 تي پهچي ويو آهي. اڄ 1314 وڌيڪ مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن بعد صحتمند ماڻھن جو ڪل تعداد 427607 تي پھچي ويو آھي. هينئر تائين 5995665 نمونن جي جانچ ڪئي وئي آهي، جن مان 456108 ڪيس مثبت رپورٽ ٿيا آهن.هن وقت 21122 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 414 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ۽ 39 مريض وينٽيليٽر تي آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔