وزيراعظم پاران ووٽنگ مشين تي اتحادي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان فيصلو ڪيو آھي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ چونڊ سڌارن تي پارٽي ۽ ان جي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب وزيراعظم سڀاڻي پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪيو آهي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ 2 وڳي ٿيندو. ذريعن ٻڌايو ته پارلياماني پارٽي ۽ ان جي اتحادين کي چونڊ سڌارن واري بل ۾ ترميمن بابت بريفنگ ڏني ويندي جڏهن ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ، آءِ ووٽنگ ۽ چونڊ سڌارن بابت صلاح مشورو ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔