ملڪ ۾ ڊينگي وائرس به تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳو، سوين متاثر

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڊينگي وائرس به زور وٺڻ لڳو آهي ۽ سوين ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
اسلام آباد ۾ وڌيڪ 32 شهري ڊينگي وائرس سان متاثر ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ وفاقي تخت گاهه ۾ متاثرن جو انگ 177 ٿي ويو آهي.
پنجاب ۾ ڊينگي جا ڪُل 73 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان 60 مريض رڳو لاهور سان واسطو رکن ٿا، جڏهن ته سنڌ ۾ ڊينگي جا 300 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
پشاور ۾ به ڊينگي وائرس تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جنهن سبب شهري پريشان آهن ۽ انهن اختيارين کان فوري طور روڪٿام لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔