عورتن لاءِ موبائل ۽ ميڪ اپ جي استعمال تي پابندي

صنعا: حوثي باغين يمن جي هڪ صوبي ۾ عورتن لاءِ موبائل فون ۽ ميڪ اپ پائوڊر جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪئي آهي.
عرب ميڊيا العربيا اردو جي هڪ رپورٽ موجب يمن جي گادي واري هنڌ صنعا جي ضلعي حشيش جي ڳوٺ غضران ۾ ڳوٺ جي نگران جي صحيح واري عهدنامي جون تصويرون ٽوئٽر تي گردش ڪري رهيون آهن.
ڳوٺ جي چڱي مڙس جي صحيح ٿيل عهد نامي موجب عورتن جي اين جي اوز سان گڏ ڪم ڪرڻ، ٽچ سمارٽ موبائل ۽ ميڪ جي استعمال تي پابندي لاڳو هوندي ۽ جيڪو به ماڻهو پنهنجي گهرواري کي اهڙي فون ڏيندو ان تي 2 لک يمني ريال ۽ هڪ عدد گئون جو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
عهدنامي ۾ اهڙين شين جي استعمال کي اسلام کي ڪمزور ڪرڻ ۽ معاشري ۾ تقسيم پيدا ڪرڻ جي سازش قرار ڏيندي پابندي لڳائي آهي ۽ معاشري کان اهڙي خرابين کي پري رکڻ لاءِ ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي.
صحيح ڪيل دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته عورتن خاص ڪري ڪنواري ڇوڪرين کي شادي جي تقريبن ۾ ميڪ اپ جي استعمال جي اجازت نه هوندي، نه ئي عورتون ٽيڪسي ۾ پنهنجي ڪنهن وارث مرد کان بنا سفر ڪري سگهنديون.
دستاويز جي هڪ شق ۾ جنسي بليڪ ميلنگ کي روڪڻ لاءِ ڇوڪرين جو فلاحي تنظيمن سان ڪم ڪرڻ ممنوع قرار ڏنو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل دستاويز تي ڳوٺ جي چڱي مڙس (شيوخ)۽ ٻين سميت علائقي ۾ حوثي مليشيا جي نگران ذميوارن جي صحيحون به موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔