پاڪستاني عمري زائرين لاءِ خوشخبري

مذهبي معاملن بابت وفاقي وزير نور الحق قادري عمري جي خواهشمندن کي سٺي خبر ٻڌائيندي چيو آهي ته ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ پاڪستاني زائرين لاءِ به پابنديون ختم ٿي وينديون.
پشاور ۾ حاجي ڪئمپ فيز 7 ۾ نئين رهائشي بلاڪ جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي نور الحق قادري چيو ته حاجين جي خدمت لاءِ نئين عمارت قائم ڪئي وئي آهي، هتي حاجين کي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.
هن چيو ته حاجين جي تربيتي نظام ۽ ڪلاسن جو هتي بندوبست ڪيو ويندو، هڪ ئي ڇت هيٺان دستاويزن جي جاچ ۽ ويڪسينيشن به ڪري سگهبي.
سندس چوڻ هو ته عمري ۽ حج لاءِ ڪو واڌو خرچ وصول نه ڪيو ويندو، سڄي دنيا ۾ حج ۽ عمري جي قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي، ايئر لائنز جي ٽڪيٽ مهانگي ٿيڻ سان حج ۽ عمري پيڪيج ۾ واڌ ٿي.
وفاقي وزير چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا پابندين ۾ نرمي ڪئي پئي وڃي، ايندڙ ٻن کان ٽن هفتن ۾ پاڪستاني زائرين لاءِ به پابنديون ختم ٿي وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔