اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 4 فلسطيني شهيد

والاريل اولهه ڪناري وٽ اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 4 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
غير ملڪي خابرو ايجنسي موجب والاريل اولهه ڪناري تي جنين ۽ يروشلم جي ويجهو اسرائيلي فوج ۽ فلسطينين جي وچ ۾ جهڙپون ٿيون.
عرب ميڊيا موجب جهڙپن دوران اسرائيلي فوج طرفان فلسطينين تي فائرنگ ڪئي وئي جڏهن ته فلسطيني مظاهرين طرفان صهوني فوجين تي پٿراءُ ڪيو ويو.
فلسطين جي صحت واري وزارت موجب اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 4 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
فلسطيني اختيارين چيو آهي ته صيهوني فورسز جي فائرنگ جي ڪري هڪ شخص جنين ۾ شهيد ٿي ويو جڏهن ته يروشلم ۾ ٽي فلسطيني شهيد ٿي ويا جن جا لاش اسرائيلي فورسز پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا.
عرب ميڊيا موجب فلسطينين سان جهڙپن ۾ ٻه صيهوني فوجي زخمي به ٿي پيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔