ڊبليو ايڇ او پاران ڪورونا ويڪسينيشن عمل ۾ پاڪستان جي ساراهه

اسلام آباد: پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي سربراھھ پيلٿاماھي پالا ڪورونا جي خاتمي جي جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ويڪسينيشن جي عمل جي ساراهه ڪئي آھي. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي پيلٿاماھي پالا چيو آھي تھ اھڙا بھ ملڪ آھن جتي 2 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين ناھي لڳائي وئي پر پاڪستان ويڪسين لڳائڻ ۾ بھتر ڪارڪردگي ڏيکاري رھيو آھي ۽ پاڪستان ھڪ ڏينھن ۾ 10 لک ويڪسين لڳائي رھيو آھي. ھن چيو تھ پاڪستان کي ويڪسين لڳائڻ جي مھم انتھائي تيز ۽ موثر آھي، پاڪستان ۾ مڪمل ويڪسين لڳل ماڻحن جي تعداد 20 سيڪڙو کان وڌيڪ ٿي چڪي آھي، جڏھن تھ پاڪستان ۾ جزوي ويڪسينيشن وارن جي تعداد 40 سيڪڙو کان وڌي وئي آھي. پيلٿاماھي پالا جو چوڻ آھي تھ اھڙا ملڪ جتي ويڪسين وڌيڪ ھجڻ جي باوجود ڪورونا ڪيسز جي تعداد وڌيڪ آھي پر پاڪستان ۾ احتياطي اپاءُ ھئڻ ڪري ويڪسين ٿيڻ جي باوجود ڪيس گھٽ آھن جڏھن تھ پاڪستان ۾ اين سي او سي بھترين ڪم ۽ پاڪستان ۾ ڪورونا ريسپانس ۾ بھترين ڪوآرڊينيشن رھي، ڪورونا وبا کان سبب مرڻ جو ريشو گھٽ رھيو جڏھن تھ چوٿين لھر ۾ ويڪسين سبب مرڻ جي شرح گھٽ ٿي، گذريل ڪيترن ئي ڏينھن ۾ ويڪسينيشن سبب ڪنھن ھيلٿ ورڪر جي موت واقع نھ ٿي. ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ سربراھھ پيلٿاماھي پالا وڌيڪ چيو تھ پاڪستان ۾ اسمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت سبب ڊيلٽا ڪيسن ۾ گھٽتائي آئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔