بلوچستان جي آءِ جي جيلز جي ٻارن کي جهاز مان لاٿو ويو

ڪراچي: ايئر بليو انتظاميا بلوچستان جي آءِ جي جيلز عثمان غني صديقي جي ٻارن کي جهاز مان آف لوڊ ڪري ڇڏيو. عثمان غني صديقي جو چوڻ هو ته منهنجي 7 ، 9 ۽ 11 سالن جي ٻارن ڪراچي کان ڪوئيٽا تائين ايئر بليو تي ٽڪيٽون بُڪ ڪرايون، ٻارن کي بورڊنگ ڪارڊ جاري ڪيا ويا ، پر ايئر بليو انتظاميا کين جهاز مان لاهي ڇڏيو ۽ اهو چئي ٻارن کي سفر جي اجازت نه ڏني ته سندن عمر گهٽ آهي.ان جو اسان کي اطلاع نه ڏنو ويو. عثمان غني صديقي مطالبو ڪيو ته شاهد خاقان عباسي معاملي جو نوٽيس وٺي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔