سنڌ ۾ ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ سيشن ججن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي منظوري سان ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ سيشن ججن جي بدلين ۽ مقررين جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شايام لالا لڌاڻي کي لاڙڪاڻي مان گهوٽڪي منتقل ڪيو ويو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طارق ڀٽي کي گهوٽڪي کان شڪارپور منتقل ڪيو ويو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عاشق علي گوري کي شڪارپور کان حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ذيشان اختر خان کي ڪراچي ويسٽ جون ذميواريون سونپيون ويون، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمد ياسين کي ڪراچي ويسٽ مان بدلي ڪيو ويو، ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج رسول بخش سولنگي کي ڪراچي کان سانگهڙ منتقل ڪيو ويو ۽ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امير الدين کي سانگهڙ مان لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔