نتيجن ۾ ڦيرڦار: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين سميت 20 ڄڻا آزاد

حيدرآباد: احتساب عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ مبينا طور اميدوارن جي رزلٽ ۾ ڦير ڦار ڪري اميدوارن کي گريڊ 17هين ۽ 18هين ۾ ملازمتون ڏيڻ خلاف داخل نيب ريفرنس جو محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت ڏوه ثابت ٿيڻ نه ٿيڻ تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي اڳوڻي چيئرمين محمد حسن ڀٽو، ڪنٽرولر محمد عمر زئنور سميت 20 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو . نيب جي جاچ آفيسر سميت 28 گواهن مان ڪنهن هڪ گواه به اها ڳالهه ثابت نه ڪئي ته اڳوڻي چيئرمين توڙي ڪنٽرولر ڪنهن به اميدوار جي رزلٽ ۾ ڦير ڦار يا ٽيمپرنگ ڪئي آهي. نيب ريفرنس ۾ ڄاڻايو ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2003ع ۽ 2004ع دوران گڏيل چٽاڀيٽي واري امتحان ۾ ٽيمپرنگ ڪري گهٽ مارڪون کڻندڙ ۽ فيل ٿيندڙ اميدوارن کان مبينا طور رشوت وٺي کين پاس قرار ڏيندي ملازمتون ڏنيون هيون. نيب ڄاڻايل ريفرنس ۾ ملازمتون حاصل ڪندڙ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن غلام مرتضيٰ ميمڻ، مڪاني کاتي جي عملدار علي انور رڪ، زراعت کاتي جي عملدار نثار احمد لغاري، فنانس کاتي جي عملدار محمد سليم شيخ، ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي، بينائي کان محروم ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت نه رکندڙ کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري آيان مصطفيٰ ڀٽو، ايڊيشنل فنانس سيڪريٽري عامر ضياءِ اسراڻ، ڊپٽي سيڪريٽري ڪيبنٽ ميمونه شاهه، ڊپٽي سيڪريٽري هيلٿ ابراهيم ميمڻ، گهرو کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري سيف الله ابڙو، شعيب احمد کيڙو، غلام سرور، محمد يعقوب، محمد جمن ٿيٻو، مختيار احمد ملاح، رياض احمد ڏهر، مختيار احمد شر، صابر علي ابڙو جا نالا شامل ڪيا جن کي به عدالت بري ڪري ڇڏيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔