سنڌ حڪومت پاران ڊي جي صحت کي هٽائڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت پاران 19هين گريڊ جي ڊائريڪٽر جنرل صحت ارشاد ميمڻ کي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ارشاد ميمڻ کي اي پي آءِ ۾ ايڊيشنل ڊائريڪٽر مقرر ڪري کيس 20هين گريڊ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جي لوڪ آفٽر چارج ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اي پي آءِ جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر جمن باهوٽو کي بدلي ڪري ڊي جي صحت مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب عدالتي حڪم تحت ارشاد ميمڻ کي ڊي جي صحت واري عهدي تان هٽايو ويندو، قمبر، سجاول ۽ ڪراچي جي سينٽرل ضلعن ۾ 19هين گريڊ جا ڊي ايڇ اوز به عدالتي حڪمن جي ابتڙ 20هين گريڊ جي پوسٽ تي ويٺل آهن. قمبر ۾ 19هين گريڊ جو اقبال جاگيراڻي، سجاول ۾ ڊاڪٽر شهناز خواجه ۽ سينٽرل ضلعي ۾ ڊاڪٽر مظفر اوڍو 20هين گريڊ جي ڊي ايڇ او واري عهدي تي ويٺل آهن. عدالت پاران هيٺين گريڊ جي ڪامورن کان مٿين گريڊن جون پوسٽون واپس وٺڻ واري حڪم باوجود سيڪريٽري صحت عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔