پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، تڪرار نٿا چاهيون: افغان پرڏيهي وزير

ڪابل: افغانستان جي نائب پرڏيهي وزير امير خان متقي چيو آهي ته جيڪو اسان سان تڪرار واري سياست ڪندو اهو اڪيلو رهجي ويندو. ڪابل ۾ واپار واري وزارت جي تقريب کي خطاب ڪندي طالبان اڳواڻ  امير خان متقي چيو ته 50 ملڪن جو اتحاد اسان جي خلاف افغانستان ۾ داخل ٿيو هو، افغانستان ۾ پرڏيهي ملڪن مان وڙهڻ لاءِ ڪوبه ويڙهاڪ نه آيو، امن مقامي ماڻهن جي تعاون سبب ٿيو. هن چيو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين. تڪرار نٿا چاهيون ۽ نه ئي ان ۾ اڳرائي ڪنداسين. طالبان اڳواڻ چيو ته افغان عوام سان دوستي جي لاء هڪ قدم وڌايو ته طالبان حڪومت ٻه قدم اڳيان وڌائيندي. نظام ۾ پريشانيون آهن پر ان جو مقصد عوام جي فلاح آهي اهڙيون حالتون  ٺاهينداسين جو ڪوبه ملڪ ڇڏي نه وڃي. هن چيو ته اسان ڪنهن کي به ملڪ ڇڏڻ جي لاءِ مجبور نه ڪنداسين. اسان جي پاليسي عوام کي گڏ ڪرڻ جي آهي. ملڪ جي اقتصادي ترقي جي ذميواري  واپارين تي آهي. واپارين جي لاءِ ڪابه روڪ ٽوڪ نه آهي نه ئي رشوت جي بازار آهي. اڄ وزير اوهان جي پهچ ۾ آهن. هن چيو  ته اسان مٿان اڃان امتحان ايندا، پرڏيهي ملڪن سان سياسي لاڳاپا ماضي جي ابتڙ وسيع آهن. مخالف جيترو چاهين گوڙ ڪن اسان کي ان سان ڪوبه فرق نه پوندو. هن چيو ته پنج شير جي  آخري جهيڙي کان پوءِ ڪٿي به فائرنگ جا آواز ناهن ٻڌا ويا. مزار شريف ۾ هڪ شخص اغوا ٿيو ته اسان 3 ڪلاڪن ۾ جوابدارن کي پڪڙي ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔