ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ جي ذميوار پنجاب حڪومت قرار

اسلام آباد: نيشنل وزارت فوڊ سيڪيورٽي  سموري ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ جو ذميوار پنجاب حڪومت کي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير شوڪت ترين ڪيبينيٽ سيڪريٽري جي نشاندهي سان اتفاق ڪندي موقف اختيار ڪيو ته وزارتن ۽ ڊويزنن کي پنهنجي سطح تي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن پر نيب جي خوف سبب بيورو ڪريٽس فيصلا ڪرڻ کان ڊڄي رهيا آهن. ڪڻڪ جي خريداري لاءِ ٽيون انٽرنيشنل ٽينڊر 2021-22 جي منظوري بابت به نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وزارت راضي نه هجڻ سبب سمري ڪابينه جي اقتصادي رابطه ڪميٽي(اي سي سي) جي اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. مليل انگن اکرن موجب وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ ميمبرن طرفان ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ تي خدشن جي اظهار جي جواب ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي وزارت طرفان وفاقي ڪابينه کي آگاهه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود هئا پر پنجاب حڪومت طرفان ڪڻڪ کي جاري ڪرڻ ۾ دير سبب قيمتن ۾ واڌ ٿي آهي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي ايڊيشنل سيڪريٽري انچاج کي هدايت ڪئي آهي ته مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آڻڻ لاءِ پنجاب حڪومت کي فوري طور تي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي درخواست ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔