ڪراچي ۾ غيرقانوني سيڪيورٽي گارڊن خلاف رينجرز ۽ پوليس طرفان ڪريڪ ڊائون

ڪراچي: ڪراچي ۾ غيرقانوني سيڪيورٽي گارڊن خلاف رينجرز ۽ پوليس طرفان ڪريڪ ڊائون، اڪثر گارڊ غيرتربيت يافته ھجڻ جو انڪشاف، رينجرز ۽ پوليس شھر جي اھم ھنڌن ۽ گھرن تي مقرر سيڪيورٽي گارڊن جو رڪارڊ چيڪ ڪيو. رينجرز ترجمان موجب چيڪنگ دوران اڪثر گارڊ غيرتربيت يافته ھئا، جنھن تي سيڪيورٽي ڪمپنين کي ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. رينجرز ترجمان چيڪنگ دوران 4661 گارڊن جو ويريفڪيشن ۽ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو ويو، 337 گارڊن جا ھٿيار اڻ تصديق ٿيل ھئا، 159 گارڊن وٽ بغير لائسنس وارا ھٿيار ھئا، سيڪيورٽي ڪمپنين کان رڪارڊ طلب ڪيو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔