سنڌ ۾ مهانگيون ڊيسڪون خريد ڪرڻ وارو مامرو، ٽينڊرز رد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ ۾ مهانگيون اسڪولي ڊيسڪون خريد ڪرڻ وارو اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد ٽينڊرز رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڊيسڪ خريداري مامري جي جاچ لاءِ تعليم واري وزير سيد سردار شاهه طرفان جوڙيل ڪميٽي تعليم واري وزارت کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي. ڪميٽي جي سفارش تي 2020-21، ۽ 2021 توڙي 22ع لاءِ ٿيل ٽينڊرز جو ورڪ آرڊر رد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي سفارش ڪئي آهي ته اسڪولي ڊيسڪن جي خريداري سيپرا قانون تحت ڊويزنل سطح تي ڪري سخت مانيٽرنگ ڪئي وڃي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽرانپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته سنڌ جي تعليم کاتي 28 هزار رپين ۾ هڪ اسڪولي ڊيسڪ خريد ڪئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔