پي ايس ٽي ٽيسٽ مان به رڳو 8 هزار اميدوار پاس ٿي سگهيا: سردار شاهه

عمرڪوٽ: تعليم کاتي جي صوبائي وزير چيو آهي ته ڊيسڪ خريداري لاء ڊويزن سطح تي ڪميٽيون ٺھنديون جيڪي نوان ٽينڊر ڪنديون، اھڙو فيصلو عدالت پاران به آيل آھي. هن چيو ته ڊيسڪ خريداري وارو ٽينڊر ٿيڻ ۽ ان جو ورڪ آرڊر جاري ڪرڻ اڳوڻي وزير سعيد غني جي دور جو ڪم ٿيل ھو. سردار شاهه چيو ته جي اي ايس ٽي واري آء بي اي رزلٽ بعد پي ايس ٽي ٽيسٽ ۾ به سڄي سنڌ مان 8 ھزار اميدوارن جي پاس ٿيڻ جي رپورٽ ملي آھي، ساڍا 32 ھزار اميدوارن مان 8 ھزار اميدوار پاس ٿيڻ واري شرح به ڪا خاص مطمئن ڪندڙ ناھي.تعليم واري وزير نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي بايولاجي، ميٿس ۽ ستين اٺين ڪلاس جا عربي، اسلاميات ۽ اخلاقيات جا ڪتاب سڄي سنڌ ۾ نه پھچڻ ۽ نه ڇپجڻ وارين شڪايتن جي تصديق ڪندي چيو ته جاچ ڪرائيندس ته جن جن ضلعن جي ويئر ھائوسز ۾ ڪتاب پيل مليا ۽ ورھائجي نه سگھيا آھن انھن ڊي اوز ۽ ٽي اي اوز خلاف ڪاروائي ٿيندي، ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ وارن مونکي ٻڌايو ته اسان ڪتاب سڀئي ۽ ضرورت موجب ڇپرايا آھن ته پوء اھي ڪتاب ڪٿي آھن، ان جي جاچ لاء ڪميٽي قائم ڪرڻ جون اڄ ئي ھدايتون ڏيان ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔