حڪومت جو نئين نيب چيئرمين لاءِ شھباز شريف سان مشاورت نھ ڪرڻ جو فيصلو

جھلم: سڌسما جي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آھي تھ نئين نيب چيئرمين جي لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ شھباز شريف سان مشاورت نھ ڪنداسين. جھلم ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي فواد چوڌري جو چوڻ ھو تھ نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽي وٽ اليڪشن وڙھڻ جي لاءِ ماڻھن ئي ناھن، ٻئي ٽٽل پارٽيون آھن جڏھن تھ اليڪشن ۾ تحريڪ انصاف اڪثريت سان حڪومت ٺاھيندي. ھن چيو تھ اليڪشن ڪميشن سان معاملات بھتري طرف وڃي رھيا آھن. فواد چوڌري جو چوڻ ھو تھ نيب شھباز شريف کي جوابدار طور ڊڪليئر ڪيل آھي، جڏھن تھ طئھ آھي تھ نئين چيئرمين نيب جي لاءِ شھباز شريف سان مشاورت نھ ڪنداسين، ڇوتھ شھباز شريف سان نئين نيب چيئرمين جي باري ۾ پڇڻ جو مطلب جوابدار کان پڇون تھ ھن جي تفتيش ڪير ڪندو؟ قانون وارو وزير ۽ اٽارني جنرل انھيءَ تي ڪم ڪري رھيا آھن جيڪي حل وٺي ايندا تھ انھيءَ تي عمل ڪنداسين. ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ نواز شريف ۽ اشرف غني ڊالر وٺي ٻاھر ھليا ويا آھن، اڄ ٻئي ھڪ جھڙي زندگي گذاري رھيا آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔