سنڌ حڪومت مارچ کان اڳ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪراچي: صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاه پريس ڪلب ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪوشش ڪنداسين ته مارچ کان اڳ مڪاني چونڊون ڪرايون. هن چيو ته پريس ڪلب جي ميمبرن جا پلاٽ مسئلا حل ڪنداسين، آڪٽوبر ۾ انهن کي ملندا ۽ نون ميمبرن کي به ڏنا ويندا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سي ايم ۽ اسانکي هدايت ڏني آهي ته شهيد جيڪي به آهن انهن کي به پلاٽ ڏنا وڃن. ناصر شاهه چيو ته پاڻي برساتن جي ڪري جتي بيٺو هو اهو ئي ايريا آهي جتي گرين لائين جي اسٽرڪچر جي ڪري رڪجي ويو هو، ڪجه علائقا اهڙا آهن جتي ڪم ڪريون پيا. ڊي ايم سيز 500 نالا صاف ڪرايا آهن. سنڌ جي لاء ڪو به پروجيڪٽ وفاقي حڪومت جو ايندو ويلڪم ڪنداسين، حصو ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔