ڪورونا سبب پاڪستان ۾ وڌيڪ 42 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 42 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 524 ٿي ويو آهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 36 هزار 888 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 60 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پنجاب ۾ 4 لک 27 هزار 583، سنڌ ۾ 4 لک 54 هزار 510، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 72 هزار 766، بلوچستان ۾ 32 هزار 837 گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 289، اسلام آباد ۾ هڪ لک 4 هزار 913 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 990 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 91 لک 47 هزار 75 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 957 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 57 هزار 322 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 4 هزار 267 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 42 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 524 ٿي ويو آهي.

پنجاب ۾ 12 هزار 535، سنڌ ۾ 7 هزار 327، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 488، اسلام آباد ۾ 910، بلوچستان ۾ 346،  گلگت بلتستان ۾ 184 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 734 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔