پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جي گڏيل قومن جي صدر ۽ جنرل سيڪريٽري سان ملاقات

نيويارڪ: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. انتونيو گوتريس گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي به تعريف ڪئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل  قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ۾ خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، مختلف معاملن، خاص طور تي افغانستان واري معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان کان علاوه پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر عبدالله شاهد سان به ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جنرل اسيمبلي جي صدر سان ملاقات دوران کيس والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت به آگاهه ڪيو.

ان موقعي تي شاهه محمود قريشي چيو ته اميد آهي ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جا جائز حق ڏينديون. ان کان علاوه شاهه محمود قريشي افغانستان ۾ انساني  بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي مدد تي زور ڏيندي چيو ته عالمي برادري افغانستان جي نئين سري سان تعمير لاءِ افغانين جي معاشي مدد لاءِ اڳيان وڌي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔