اڳوڻي اوگرا چيئرمين جي غيرقانوني مقرري: راجه پرويز اشرف جي بريت واري درخواست رد

اسلام آباد: اڳوڻي اوگرا چيئرمين جي غيرقانوني مقرري تي نيب ريفرنس ۾ راجه پرويز اشرف جي بريت واري درخواست رد ڪئي وئي آهي.

عدالت تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت راجه پرويز اشرف سميت سمورن جوابدارن جي خلاف ٽرائل جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ڪرپشن ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سميت 6 جوابدار نامزد آهن. عدالت اڳوڻي سيڪريٽري سڪندر حيات، اڳوڻي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر اوگرا جاويد نذير جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن. نيب طرفان توقير صادق جي خلاف قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو ريفرنس به داخل آهي.

عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته راجه پرويز اشرف، توقير صادق مقرري ڪميٽي جو چيئرمين ۽ يوسف رضا گيلاني مقرري واري معاملي ۾ اهم اٿارٽي هئا، جڏهن ته توقير صادق جي تعليم، تجربو گهٽ ۽ سندس ڪاغذ به غير تصديق ٿيل هئا ۽ توقير صادق جنهن ڪمپنين جو تجربو ظاهر ڪيو اهي  سموريون جعلي ثابت ٿيون.

فيصلي موجب جوابدارن اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو ۽ ذميوارين جي ادائيگي ۾ ناڪام رهيا. توقير صادق جي مقرري ۾ جن ماڻهن کي نظر انداز ڪيو ويو اهي به بطور گواهه پيش ٿيا ۽ توقير صادق جي خلاف قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو ريفرنس به داخل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔