حڪومت ھلائڻ عمران خان جھڙي سليڪٽڊ جي وس جي ڳالهه ناھي،منظور وساڻ

ڪراچي: پيپيلزپارٽي سنڌ جو سينئر نائب صدر ۽ زراعت واري صلاحڪار منظوروساڻ ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي تي ڪنٽرول نه ڪرڻ تي وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

هن چيو آهي ته ملڪ ۾ سن کان وڏو مسئلو وڌندڙمهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، جنهن تي حڪومت ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي.

منظور وساڻ چيو ته سليڪٽڊ حڪومت جي نااهلي سبب عوام مهانگائي خلاف سراپا احتجاج آهي، زرعي سيڪٽر ملڪ جي ريڙهه جي هڏي هئي، ان کي عمران خان تباهه ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته  جيڪو شخص وڌندڙ مهانگائي کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي ان کي ملڪ هلائڻ لاءِ رموٽ هٿ ۾ ڏنو ويو آهي،  عمران خان پهريان ورلڊڪپ جي نالي سان سڃاتو ويندوهو، وزيراعظم بڻجڻ کانپوءِ مهانگا ئي جي جِنَ سان سڃاتو پيو وڃي.

منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته عمران خان صاحب اوهان غريبن کي روزگار، 2 وقتن جي ماني ۽ نه ئي وري انصاف ڏئي سگهيا آهيو، ملڪ ۾ غربت گهٽجڻ بجاءِ وڌندي پئي وڃي،جن صوبن ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت آ اتي غربت تمام گهڻي آهي.

هن چيو ته سنڌ ۾ ٻين صوبن کان غربت گهٽ آهي، ڇو جو پيپلز پارٽي ماڻهن کي روزگار ۽ گهر ڏنا آهن، عمران خان جي حڪومت ۾ ڪرپشن ۾ اضافو، ادارا تباهه، مهانگائي ۽ بيروزگاري وڌي آهي.

منظور وساڻ چيو ته عام ماڻهن جي زندگين ۾ ڏکيائيون وڌنديون پيون وڃن ۽ سليڪٽڊ حڪومت چوي پئي ته ملڪ ۾ مهانگائي ڪٿي به ناهي؟، ماڻهن جو ڪاروبار تباهه ٿي رهيو آهي، ننڍيون انڊسٽريون، بجلي، گيس جون قيمتون وڌڻ سبب بند ٿي ويون آهن، حڪومت ھلائڻ عمران خان جھڙي سليڪٽڊ جي وس جي ڳالهه ناھي.

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔