ايف آءِ اي شهبازشهريف ۽ حمزه شهباز خلاف شاهديون پيش ڪري ڇڏيون

ڪراچي: ايف آءِ اي شهبازشهريف ۽ حمزه شهباز خلاف 5 ڪيسن جون شاهديون عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيون.

ن ليگ صدر ۽ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز مالياتي اسڪينڊل ڪيس ۾ بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي جي سينيئر آفيسر ڊاڪٽر رضوان پيش ٿيو جنهن عدالت کي ٻڌايو ته 2020 ۾ شگر ڪميشن ٺهيو ۽ پتو پيو ته شگر ملز فراڊ ۾ ملوث آهن، ايف آءِ اي کي پتو پيو ته معاشي طور تي ڪمزور ماڻهن جي نالن تي اڪائونٽس کوليا ويا.

ڊاڪٽر رضوان عدالت کي ٻڌايو ته ائين ظاهر ڪيو ويندو ڄڻ هي ڏيڻ وٺڻ جا پيسا آهن، انهن ماڻهن کي هن پيسن بابت ڪا خبر به نه پوندي هئي، 20 ملازمن جا 57 اڪائونٽس جو ايف آءِ ا3 پتو لڳائي چڪي آهي، جڏهن ته 55 هزار 498 ٽرانزيڪشنز کي ايف آءِ اي ڏسي رهي آهي.

ان موقعي تي بينڪنگ ڪورٽ جي جج ايف آءِ اي جي آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته جاچ ڪڏهن ڪيستائين مڪمل ٿيندي.؟

جنهن تي ڊاڪٽر رضوان جواب ڏنو ته اسان هن وقت چالان داخل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، جوابدار جاچ ۾ سهارڪ نه ڪري رهيا آهن، هي عام نوعيت جو ڪيس ناهي.

ان دوران شهباز شريف روسٽرم تي آيو ۽ چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي، ايف آءِ اي جو سينيئر آفيسر ڪوڙ پيو ڳالهائي، مان هن شگر مل جو ڊائريڪٽر نه آهيان، نه ئي پگهار وٺندو آهيان.

شهباز شريف چيو ته منهنجي وڪيل ايف آءِ اي کي مناسب جواب ڏنو آهي، هي نيب جي ڪيس جي ڪاپي آهي، مان ته خاندان جي شگر مل کي نقصان پهچايو، مان بطور وزيراعليٰ شگر ملز کي فائدو ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ايف آءِ آءِ جنهن ڏينهن مون کي طلب ڪيو ان ڏينهن بد تميزي ڪئي، ڇا هي آهي جاچ جنهن جي ايف آءِ اي ڳالهه ڪري رهي آهي.

ان موقعي تي ايف آءِ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ نجي بينڪ جي ٻن آفيسرن جي ملي ڀڳت سان اڪائونٽس ٺاهيا ويا، بينڪ به جاچ ۾ تعاون نه پئي ڪري، هي ڪيس انتهائي پيچيده آهي، بينڪن ۽ جوابدارن کي جاچ ۾ تعاون جو واضح حڪم ڏنو وڃي.

هن چيو ته بينڪرز تي دٻاءُ آهي ۽ هو مني لانڊرنگ جي خلاف جاچ ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، نجي بينڪ جي هڪ آفيسر جي موبائل مان بينڪرز تي دٻاءُ وجهڻ جا وائس ميسجز مليا آهن.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته مان ڳالهائڻ ٿو چاهيان، اجازت ڏني وڃي، عدالت کيس چيو ته توهان کي ٻڌو آهي، هاڻي توهان خاموش رهو، ان باوجود شهباز شريف چيو ته خدا جو قسم بينڪ وارن سڃاڻيان ئي نٿو، مان ڇو دٻاءُ وجهندس؟.

ايف آءِ اي جا دليل بيان رڪارڊ بعد عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 9 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔